ذوالفقار ڪولاچي

ذوالفقار ڪولاچي

ذوالفقار ڪولاچي

ذوالفقار ڪولاچي: قومپرست اڳواڻ ذوالفقار ڪولاچي، پهرين جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊهه ڀرسان سيهڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾ الهڏني ڪولاچيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سيهڙ اسٽيشن جي پرائمري اسڪول مان پرائي، جنهن بعد سيهڙ وليج جي مڊل اسڪول ۾ اٺين درجي تائين پڙهيو، ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهائيءَ جي سهوليت نه هئڻ ڪري ڏوڪري هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. هن انٽر جو امتحان به ڏوڪري سائنس ڪاليج مان پاس ڪيو، ان بعد ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گريجوئيشن ڪيائين. ذوالفقار ڪولاچي تعليم مڪمل ڪري روزگار سانگي ڪراچيءَ هليو ويو، جتي مختلف مزدوريون ڪيائين، ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن ٺيڪيداري به ڪئي. ليبر فورمين به ٿيو ۽ مزدورن جي نگراني ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح هن سماجي ورڪر طور ڪم ڪيو ۽ مزدورن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي.
هن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات جيئي سنڌ لطيف سنگت کان ڪئي. ڪاليج دوران جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان لاڳاپجي ويو. اهڙيءَ طرح شاگرد سياست (جساف) مان نڪري پارٽيءَ (جسقم) ۾ شامل ٿيو جتي مختلف عهدن تي رهي ڪم ڪيائين. ڪل وقتي ڪارڪن هو ۽ جي. ايم. سيد جو فڪري پيروڪار هو. جڏهن جسقم ٻن ڌڙن ۾ ورهائي ته ذوالفقار ڪولاچي جسقم آريسر سان شامل رهيو. 31 ڊسمبر 2005ع تي نواز خان زنئور سان گڏ ٻولهاڙي اسٽيشن تان قانون نافذ ڪندڙ ادارن کيس گرفتار ڪيو ۽ ٻن مهينن کان پوءِ گهاري ويجهو ڳوٺ سلطان آباد وٽ کيس ڇڏيو ويو. ان کان پوءِ به هو ڪيترا ڀيرا گرفتار ٿيو. ذوالفقار ڪولاچي قومي سياست کي ڪراچيءَ ۾ متحرڪ ڪيو، جڏهن سرائي قربان کهاوڙ جسمم ۾ شموليت ڪئي ته ذوالفقار ڪولاچي به سندس ساٿي بڻيو ۽ جسمم جو مرڪزي عهديدار چونڊيو ويو. 5 مارچ 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺل هو ته مٿس دستي بم سان حملو ٿيو ۽ شهيد ٿيو. کيس اباڻي ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ ذوالفقار ڪولاچيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.01.01  عيسوي

قومپرست اڳواڻ ذوالفقار ڪولاچي، پهرين جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊهه ڀرسان سيهڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾ الهڏني ڪولاچيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2011.03.05  عيسوي

5 مارچ 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺل هو ته مٿس دستي بم سان حملو ٿيو ۽ شهيد ٿيو. کيس اباڻي ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه بلاول نوراني
پريمچند ڪيولرام شهاڻي
رکيو لنڊ
آريسر واھي فقير
حاتم ٽالپر ڊاڪٽر
رونالڊ ريگن
تغلق غياث الدين بلبن
ڄام جکرو ڳهڙ راءُ
عاصمه جهانگير
حميده قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون